ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ حيدرآباد روڊ تان  گرفتار ٿيل لاھور واسڻ ناري نتاشا ۽ نوجوان انيل ڪمار لوھاڻو کي ٽائون پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي  عدالت ھڪ ڏينھن جو رمانڊ ڏيندي عورت نتاشا راجپوت کي سيف ھائوس ۽ انيل ڪمار کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جن کي اڄ ٻيھر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ، ياد رھي ته 2 ڏينهن اڳ فريادي حماد حميد راجپوت جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري پوليس گهر تي ڇاپو هڻي ناري ۽ نوجوان کي گرفتار ڪيو هو.