حيدرآباد (بيورو رپورٽ ) ڪرپشن جي خاتمي واري خاص عدالت مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ خلاف ڄامشورو ضلعي ۾ سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ پڪي ضمانت لاءِ شنوائي 11 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.  سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ  اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ڪورونا هئڻ باوجود گاڏي ۾ سوار ٿي پهتو. اينٽي ڪرپشن عملدارن سندس ڪورونا ٽيسٽ عدالت ۾ چئلنج ڪندي مطالبو ڪيو ته هو اها ٽيسٽ ڊي ايڇ او حيدرآباد کان تصديق ڪرائيندا. حليم عادل شيخ گذريل ٻڌڻي تي ڄاڻي واڻي پيش نه ٿيو  اسان کي سندس ڪورونا ٽيسٽ تي به خدشا آهن. ٻيهر ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي وڃي. عدالت چيو ته رڳو توهان جي درخواست تي بار بار رپورٽ تصديق ڪرايون ڇا؟ حليم عادل شيخ جي وڪيل ٻڌايو ته ٽيسٽ ڪراچي جي خانگي ڊائيگنو سينٽر مان ڪرائي وئي آهي. ڀلي آغا خان ليب مان تصديق ڪرائي وڃي. عدالت وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته حليم عادل شيخ پيشي لاءِ آيو آهي يا نه؟ وڪيل ٻڌايو ته هو ڪورونا ايس او پيز تحت گاڏي ۾ ئي ويٺل آهي. جنهن تي عدالت عملو موڪلي تصديق پڻ ڪرائي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ حليم عادل شيخ جي پڪي ضمانت واري درخواست تي شنوائي 11 آگسٽ تائين ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. گاڏي ۾ ويٺل حليم عادل شيخ مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته کيس تمام گهڻو افسوس آهي جو مٿس 34 سال پراڻو ڪيس ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ ڄاڻايل ڪيس ۾ ساڻس لاهور مان گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته سندس ڪورونا رپورٽ کي چئلنج ڪرڻ جو چيو پيو وڃي پر جيڪڏهن سندس رپورٽ کي چئلنج ڪرڻ چاهين ٿا ته پوءِ آصف علي زرداري جون به سموريون رپورٽون تصديق ڪرايون وڃن.