ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي بم ڌماڪي ۾ موهن جو دڙو واسي سپاهي جي گرفتاري ظاهر: ايس آر اي، گينگ وار ۽ ايم ڪيو ايم لنڊن سان تعلق رکندڙ 4 جوابدار گرفتار،ان ڏس  ۾ سي ٽي ڊي انچارج  جو چوڻ هو ته يونيورسٽي روڊ تي ڪشمير پارڪ مان ايس آر اي جا 2 جوابدار سرمد علي ۽ ثناءَ الله  گرفتار ڪيا ويا، جيڪي ريل پٽڙين تي بم حملن ۾ ملوث آهن، شڪ آهي ته جوابدار صدر ۽ کارادر وارن بم ڌماڪن ۾ به ملوث ٿي سگھن ٿا، جوابدارن انڪشاف ڪيو ته هنن 5 سال اڳ ايس آر اي ۾ شموليت اختيار ڪئي، جوابدار يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ ايس آر اي جا ڪتاب ۽ وڊيو پڙهڻ ۽ ڏسڻ لاءِ ڏيندا هئا، جوابدار ملڪ خلاف نفرت واريون وڊيوز سوشل ميڊيا تي هلائيندا هئا. انچارج سي ٽي ڊي موجب جوابدارن ٻڌايو ته دلبر ڏيرو ايس آر اي جو سهولتڪار ۽ دهشتگرد آهي، جنهن کين ڏوڪري ۾ ريڪي لاءِ چيو هو، جوابدارن ڏوڪري ۾ سرڪاري آفيسر جي گھر تي فائرنگ ڪري سندس ڀاءَ امام الدين سومرو کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو. انچارج سي ٽي ڊي موجب هڪ ٻي ڪارروائي دوران ايم ڪيو ايم لنڊن سان تعلق رکندڙ اشتهاري ڏوهاري سيد محمد عارف رضوي کي به گرفتار ڪيو ويو. جڏهن ته ماڙيپور مان لياري گينگ وار جي محمد نعيم عرف ماما ولد شمبي کي گرفتار ڪيو، جوابدار پاڪ ڪالوني ۾ قتل سميت ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث آهي، ٻئي طرف سي ٽي ڊي ڪراچي بم ڌماڪي ۾ ريپڊ ريسپانس فورس جي اهلڪار دلبر علي ڏيرو جي گرفتاري ظاهر ڪري کيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته آر آر ايف ۾ مقرر دلبر ڏيري کارادر ۾ بم ڌماڪو ڪندڙ جوابدارن کي مدد فراهم ڪئي، جنهن جو هن پاڻ به اعتراف ڪيو آهي. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته اهلڪار ايس آر اي طرفان ملندڙ رقم جوابدارن ۾ ورهائي هئي .  جاچ آفيسر عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدار کان وڌيڪ پڇاڳاڇا ڪرڻي آهي، سندس جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي. عدالت جاچ آفيسر جي استدعا منظور ڪندي جوابدار اهلڪار کي 23 جون تائين جسماني ريمانڊ تي سي ٽي ڊي حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت جاچ آفيسر کان ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي. واضح رهي ته اهلڪار جو تعلق موهن جو دڙو سان آهي، هو  2020ع ۾ به کنڀجي ويو هو