ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مائنز اينڊ منرل کاتي کي ٺٽي ۾ معدني وسيلن جو ٺيڪو ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو،  ڊي جي کان جواب طلب، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٺٽي ضلعي مان نڪرندڙ معدني وسيلن تي رائلٽي جي وصولي واري ٺيڪي کي چيلنج ڪيو ويو، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته مائنز کاتي ٺيڪي جي واڪ لاءِ 21 ڪروڙ 18 لک مقرر ڪيا، مون 30 ڪروڙن جي ٻولي لڳائي، انهي باوجود مونکي واڪ مان ٻاهر ڪڍي عمر خليل نالي شخص کي ٺيڪو ڏنو ويو. کاتي جا عملدار قومي خزاني کي نقصان پهچائي رهيا آهن، عدالت کاتي کي ٺيڪو ڏيڻ کان روڪي ڊي جي ۽ سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو