لاهور/ڪراچي (م ڊ) ريلوي کاتي ۾ هفتي  ۾ 6 ڏينهن ڪم ٿيندو، جڏهن ته  نئون شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. ريلوي وزارت پاران جار ي ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سموريون آفيسون ڇهن ڏينهن تائين کليل رهنديون، سومر کان خميس ۽ ڇنڇر واري ڏينهن ريلوي آفيسون صبح 8 وڳي کان شام 3 وڳي تائين کليل رهنديون جڏهن ته جمعي واري ڏينهن ريلوي جي سمورين آفيسز صبح 8 وڳي کان 1 وڳي تائين ڪم ڪيو ويندو. وفاقي حڪومت طرفان سمورن وفاقي ادارن ۾ ڇنڇر جي موڪل بحال ڪئي وئي هئي پر ريلوي وزارت پنهنجي طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. ٻئي طرف ريلوي مزدورن جو ڪنوينشن سٽي ريلوي اسٽيشن ۾ طلب ڪيو ويو آهي جيڪو 25 جون تي ٿيندو، جنهن کي سينيٽر ميان رضا رباني، حبيب الدين جنيدي، ڪرامت علي، فهيم زمان صديقي، جاويد احمد ناگوري، سيد نجمي عالم، اسلم سمون، حسين بادشاهه، منظور احمد رضي، منظور احمد ملاح، محمد نسيم رائو، انيس احمد ڪشميري ۽ ٻيا خطاب ڪندا ۽ انگ اکر پيش ڪندا.