سرگوڌا (م ڊ) سرگوڌا ۾ 8 هٿياربندن ٻن وڪيلن کي اغوا ڪري ورتو. پوليس  موجب اڻڄاتل هٿياربندن ايڊووڪيٽ احسان الله نٺر ۽ مظهر عاسي نالي ٻن وڪيلن کي اغوا ڪيو جنهن جو ڪيس لڪسيان ٿاڻي ۾ مغوي وڪيلن جي سئوٽ ايڊووڪيٽ شهباز نٺر جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي رڪن ايڊووڪيٽ محمد شهباز ڪيس داخل ڪرائيندي ٻڌايو ته 14 جون تي سندس ٻن سئوٽن کي هٿياربندن اغوا ڪري ورتو. ايف آءِ آر موجب هٿياربند ٻنهي وڪيلن کي اغوا ڪري موٽروي لاهور سائيڊ ڏانهن کڻي ويا، ايف آءِ آر ۾ کين قتل ڪرڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. آر پي او  واقعي جو نوٽيس وٺندي وڪلين جي فوري بازيابي جو حڪم ڏنو آهي.