لاهور (م ڊ) دعا زهرا جي ڪراچي روانگي  کان اڳ مرڪندڙ تصوير وائرل ٿي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي دعا زهرا جي تصوير وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ کيس پوليس ۽ سيڪيورٽي لاءِ مختص ماڻهن سان گڏ کلندي مرڪندي ڏسي سگهجي ٿو. تصوير بابت مختلف يوٽيوبرز جي دعويٰ آهي ته تصوير دعا جي ڪراچي روانگي کان اڳ لاهور ۾ ورتي وئي آهي جنهن کانپوءِ دعا موٽري ذريعي ڪراچي لاءِ واني ٿي وئي.