اسلام آباد (م ڊ) متحده علماءَ ڪائونسل  جي چيئرمين حافظ طاهر اشرفي جو چوڻ آهي ته سياستدان ۾ پاڻ ۾ ويهي ڳالهيون ڪن، مان انهن کي ٻانهون ٻڌان ٿو، پٽڪو رکڻ لاءِ به تيار آهيان، مختلف عالمن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته محرم الحرام دوران ضابطه اخلاق تي عمل ڪرايو وڃي، هڪٻئي جي نظرين جو احترام ڪيو وڃي، ڪير به ڪنهن کي ڪافر قرار نه ڏيندو. مولانا حسين اڪبر، رمضان سيالوي به خطاب ڪيو، هنن سياسي اڳواڻن کي گڏجي ملڪ کي سياسي ۽ اقتصادي بحران مان ڪڍڻ جي اپيل ڪئي.