اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ايس  سي او جي ٻين ميمبرن ملڪن سان واپار ۽ اقتصادي شعبن ۾ گڏ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، سيڪريٽري جنرل ايس سي او سان ملاقات ۾ وزيراعظم ملڪ جي مضبوطي جو عزم ورجايو، عالمي يڪجهتي ۽ سهڪار وڌائڻ ۾ ايس سي او جو تمام وڏو ڪردار آهي، پاڪستان ميمبر ملڪن سان توانائي، مواصلات، زراعت موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ تعاون چاهي ٿو، ايس سي او ملڪن لاءِ واپار جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن.