سرحد (ن پ ا) ڪراچي پوليس پاران جڙتو مقابلي ۾ ماريل نوجوان شفيع محمد بوهڙ جو لاش وارث ضروري ڪارروائي بعد سرحد کڻائي آيا، مقتول شفيع محمد بوهڙ جو لاش اباڻي ڳوٺ ڄام محمد علي لکڻ آندو ويو، جتي سندس آخري رسمون ادا ڪري لاش پانڌي فقير منگي جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ مقتول شفيع محمد بوهڙ جي والد گل محمد عرف گولو بوهڙ جو چوڻ هو ته ڪراچي پوليس ڳڀرو پٽ جو لاش موڪلي ظلم ڪري ڇڏيو آھي. جياپي جو آخري سهارو به کسجي ويو آھي.