ڄام نوازعلي/جهول (نمائندن وٽان) جهول ويجهو ڳوٺ ڇٽو سهتو ۾ ڇنڊڻ وٽ ٻن جوابدارن پاران مبينا مال چاريندڙ 13 سالن جي يتيم نينگر عيدن سهتو کي زبردستي کنڀي کڻي جنسي ڏاڍائي ڪرڻ تي ٻن جوابدارن تي ڪيس داخل. ڪجهه ڏينهن اڳ منصوره واري علائقي ۾ مال چاريندڙ ڌنار سان مبينا جنسي ڏاڍائي ڪندڙ ٻن ڄڻن شهزادو سهتو ۽ رياض کوسو مٿان ڄام نوازعلي ٿاڻي تي نينگر جي سئوٽ اشرف سهتو جي فرياد تي ڄاڻايل جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته نينگر سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙ ٻن جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو آهي واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪريون پيا. جڏهن ته اهي به اطلاع آهن ته ڄام نواز علي پوليس ڄاڻايل ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي جن جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي وئي آهي.