حيدرآباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت ۾ پ پ ايم پي اي ڄام خان شورو خلاف سرڪاري زمين جا کاتا پنهنجي نالي ڪرائڻ واري نيب ريفرنس جي ٻڌڻي نيب پراسيڪيوٽر پاران رڪارڊ پيش نه ڪرڻ تي 29 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. پ پ ايم پي اي ايم پي اي ڄام خان شورو، سندس ڀاءِ ڪاشف شورو، ڀائٽيو ڪرن خان شورو، اڳوڻو ايڊيشنل ڊائريڪٽر پلاننگ ايچ ڊي اي شاهد پرويز ميمڻ، روينيو آفيسر سيد ساجد حيدر، اڳوڻو اي سي شاهنواز سومرو ۽ اڳوڻن مختيارڪارن سميت 18 جوابدار وڪيلن معرفت عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران عدالت جي جج انعام علي ڪلهوڙو نيب پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان کي گهربل ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ حڪم ڏنو هو، اهي دستاويز اڃا تائين ڇو نه جمع ڪرايا آهن؟ تنهن تي نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهي ڏني ته ڪجهه رڪارڊ انهن عدالت ۾ پيش ڪيو آهي. کين مهلت ڏني وڃي ته جيئن هو عدالت کي سمورو رڪارڊ فراهم ڪري سگهن. عدالت نيب پراسيڪيوٽر پاران مهلت طلب ڪرڻ تي ريفرنس جي ٻڌڻي 29 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. پ پ ايم پي اي ڄام خان شورو جي وڪيل سيد شهزاد حيدر شاهه تصديق ڪندي ٻڌايو ته عدالت ۾ ريفرنس بابت شاهديون ٿيڻيون هيون پر نيب گهربل رڪارڊ فراهم نه ڪيو.