شاهپورچاڪر(ن پ ا) ڏهه ڏينهن اڳ شاهپورچاڪر ٿاڻي جي حد ۾  مقصودو لنڪ روڊ سم نالي وٽ بيدردي سان قتل ٿي ويل سترام ڀيل جي قتل جي ايف آءِ آر داخل،  ڳوٺ ٽوهه ڀاڻوجو جي رهواسي سترام ڀيل  جو ڪپڙن کان آجو وليون لڳل لاش هٿ آيو هو، جنهن جو لاش شاهپورچاڪر پوليس ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو هو. شاهپورچاڪر ٿاڻي تي مقتول سترام پٽ سردارو ييل جي ڀاءُ خميسو ڀيل جي فرياد تي پنهنجي ئي برادرص سان سڱاوتي تڪرار تان هلندڙ تڪرار ۽ ڌمڪيون ڏيندڙن جلال پٽ رمزو ڀيل، چانڙيو پٽ رمزو ڀيل، آتم پٽ هوتو ڀيل ۽ هڪ نامعلوم خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. مقتول جي ڀاءُ ٻڌايو ته ڄاڻايل جوابدار منهنجي ڀاءُ کي ڪافي عرصي کان ڌمڪيون ڏئي رهيا هئا ۽ نيٺ هنن سڱاوتي تڪرار تان منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو. شاهپورچاڪر پوليس موجب ته ھڪ جوابدار آتم ڀيل کي گرفتار ڪيو آهي باقي ٻين کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.