ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پالتو شينهن نينگر تي حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد وليس ۽ وائيلڊ لائيف کاتي ۾ ٿرٿلو مچي ويو. گذريل ڏينهن گلبرگ جي علائقي ۾ واقع عمر نالي شهري جي پالتو شيهن نينگر تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جا سي سي ٽي وي فوٽيج وائرل ٿي ويا. جن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته گهر ٻاهران ڪجهه ماڻهو بيٺل آهن ۽ اوچتو هڪ شينهن نينگر تي حملو ڪري ٿو ۽ اتي موجود ماڻهو نينگر کي شينهن جي چنبي مان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پوليس ڳولا شروع ڪري ڏني، پوليس موجب واقعو 14 مئي جو آهي گلبرگ جي علائقي ۾ عمر نالي شهري اهو شينهن پاليو آهي، پوليس موجب نينگر تي شينهن جي حملي جي ڪابه رپورٽ داخل نه ٿي هئي. مالڪ عمر کان پڇاڻو ڪيو پيو وڃي. ٻئي پاسي وائلڊ لائيف کاتي جي چيف ڪنزرويٽر جاويد مهر ٻڌايو ته وائلڊ لائيف ٽيم کي جاچ جون هدايتون ڏنيون آهن، ڪارروائي ڪئي ويندي.