ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت گھروکاتي، صحت، يونيورسٽيز اينڊ بورڊ ۽ سروسز کاتي سميت مختلف کاتن جي ڪامورن کي 18هين ۽ 19هين گريڊ ۾ ترقيون ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو، چيف سيڪريٽري اڄ سليڪشن بورڊ ٽو جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. اجلاس ۾صحت کاتي ۾ سينيئر ميڊيڪل آفيسرن ۽ گھرو کاتي ۾ ڊائريڪٽر آءِ ٽي ۽سروسز کاتي جي پي ايس ايس گروپ جي ڪامورن کي 18هين ۽ 19هين گريڊن ۾ ترقين جي منظوري ڏني ويندي. يونيورسٽيز اينڊ بورڊ ۾ 19هين گريڊ ۾ جوائنٽ ڊائريڪٽر، ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ ٻين عهدن تي ترقيون ڏنيون وينديون. معدني وسيلن واري کاتي جي ڪامورن کي 19هين گريڊ ۾ ڊائريڪٽر، تعليم کاتي ۾ استادن کي 19هين گريڊ ۾ سينيئر هيڊماسترن ۽ قانون کاتي جي آفيسرن کي ايڊيشنل پبلڪ پراسيڪيوٽر طور ترقين جي منظوري ڏني ويندي. پبلڪ هيلٿ کاتي جي سپرينٽنڊنگ انجنيئرنگ طور ترقي ڏني ويندي.