ماتلي (رپورٽ: نياز خاصخيلي) ماتلي جي پي ايس 70 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ پ پ اميدوار حاجي ڏاڏا محمد ھاليپوٽو 46037 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي جي يو آءِ جي اميدوار مولانا گل حسن زنئور 6342 ووٽ کڻي سگھيو، جڏھن ته ايم ڊبليو ايم جو اميدوار اسد عباس لغاري 1462 ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو اميدوار پير محمد علي جان سرھندي 1996 ووٽ کڻي پي ايس 70 واري سيٽ ھارائي ويا. ماتلي جي پي ايس 70 تي ٿيل ننڍي چونڊ جي حوالي سان پولنگ وارو عمل صبح جو اٺين وڳي کان شروع ٿي شام پنج وڳي تائين بغير ڪنھن ساھيءَ جي جاري رھيو. ماتلي شھر جي 28 پولنگ اسٽيشن تي ووٽر جو تعداد گھٽ نظر آيو، صبح کان ووٽنگ وارو عمل مجموعي طور سست رفتاري سان جاري ھليو ۽ پولنگ اسٽيشنن تي ووٽرن ۾ روايتي جوش نظر نه آيو. شھر جي گرلس اسڪول ون تي پولنگ عمل شروع ٿيڻ جي باوجود ٻن ڪلاڪن تائين ھڪ به ووٽ ڪاسٽ نه ٿي سگھيو، ٻئي طرف ماتلي جي بوائز ڊگري ڪاليج، مين پرائمري اسڪول، چانڊيه محلي، ڪشميري محلي سميت شھر جي 28 پولنگ اسٽيشن تي ووٽنگ وارو عمل آخر تائين سست رفتاري جو شڪار رهيو.