ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مقامي عدالت ناري جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ياسر پاران ضمانت لاءِ داخل ڪيل درخواست تي ڌرين کي 3 جون لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا . ايف آءِ اي موجب جوابدار ياسر پنهنجي دوست جون اعتراض جوڳيون تصويرون ٺاهي کيس بليڪ ميل ڪري رهيو هو , متاثر ناري جي درخواست تي ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو. ياد رهي ته جوابدار ياسر هن وقت عدالتي ريمانڊ تي جيل ۾ آهي.