ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي عدالت ايس ڊي او سيپڪو خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جمشيد احمد اعواڻ جي عدالت وڪيل پون ڪمار جي درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ايس ڊي او عبدالفهيم بهلڪاڻي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، هوڏانهن ايس ڊي او رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون ڪنهن کي به ڌمڪي ناهي ڏني، مون مٿان ڪوڙا الزام لڳايا ويا آهن، هن چيو ته عدالت سڳوري ۾ اهو ثابت ڪندس ته مون مٿان ڪوڙا الزام لڳايا ويا آهن.