حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ايچ ايم سي جي 147 ملازمن کي 9 سالن کان پگهارون نه ڏيڻ خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست تي ايچ ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر کي ملازمن جي مقررين کان ويندي هيستائين ملازمتون ڪرڻ وارو رڪارڊ 24 جون تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ايچ ايم سي جي ملازمن محمد آصف، محمد سهيل، نعمان ۽ ٻين پنهنجي وڪيل اشفاق احمد معرفت توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ سندن موقف آهي ته عدالتي حڪم باوجود ايچ ايم سي جي انتظاميا کين پگهارون ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. عدالت ايڊمنسٽريٽر کان پڇاڻو ڪيو ته عدالتي حڪم باوجود اوهان ملازمن کي پگهارون ڇو نه ادا ڪيون آهن؟ ايڊمنسٽريٽر عدالت کي آگاهي ڏني ته ڄاڻايل ملازم ڪيتري ئي عرصي کان ڊيوٽين تان غير حاضر آهن پر تنهن باوجود عدالتي حڪم تي عمل ڪندي کين 5 مهينن جون پگهارون جاري ڪيون ويون آهن. ٻڌڻي دوران ايچ ايم سي جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته ڄاڻايل ملازم غيرقانوني طريقي سان ڀرتي ڪيا ويا هئا جن ۾ سوئپرز جي جاين تي پڻ ڪيترائي عام ماڻهو ڀرتي ٿيل آهن جيڪي ڊيوٽيون ڪرڻ بدران گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن. درخواست گذارن جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته سمورا ملازم پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا آهن، جيڪڏهن ملازم غير حاضر آهن ته ايچ ايم سي ان بابت عدالت کي رڪارڊ فراهم ڪري. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ايچ ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر سميت لاڳاپيل عملدارن کي حڪم ڏنو ته ملازمن جي ڀرتين کان ويندي هيستائين ڪيل ڊيوٽين تي حاضري وارو رڪارڊ 24 جون تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.