عمرڪوٽ (رپورٽر)سماجي اڳواڻ ۽ وڪيل رحيم خاصخيلي پاران صحت کاتي جي اڪائونٽنٽ شجاع ميمڻ ۽ ڊي ايچ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر الهداد راٺوڙ خلاف داخل ڪيل 22 اي بي جي درخواست تي ڊي ايچ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر الهداد راٺوڙ پنهنجي پرائيويٽ وڪيل سان گڏ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت آڏو پيش ٿيو عدالت سڳوري ريمارڪس ڏيندي چيو ته توھان پرائيويٽ وڪيل جي ٿرو عدالت ۾ پيش نٿا ٿي سگهو، سرڪاري وڪيل سان گڏ اچو يا پنهنجي ڊپارٽمينٽ کاتي کان لکرائي اچو، ان بعد عدالت سڳوري ڪيس جي ٻڌڻي 8 جون تي رکي ڇڏي آهي، واضع رهي ته سماجي اڳواڻ ۽ وڪيل رحيم خاصخيلي 22 اي بي جي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته صحت کاتي جو اڪائونٽنٽ شجاع ميمڻ ۽ ڊي ايچ او الهداد راٺوڙ صحت کاتي ۾ ڪرپشن ڪري پنهنجا اثاثا ٺاهيا آهن جڏهن ته ويڪسينيٽرن جي لاءِ موٽرسائيڪلون به ٽي سالن کان وهرو باءِ پاس ڀرسان هڪ مال جي واڙي تي سڙي تباھ ٿي رهيون آهن ۽ هنن سان گڏ ٻوڏ متاثرن جي لاءِ آيل راشن بيگ به سڙي ختم ٿي ويا آهن،