ڪراچي: ميڊيڪل آفيسر چيف سيڪريٽري کان به وڌيڪ طاقتور

0
292

ڪراچي: ميڊيڪل آفيسر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صحت کاتي جو سينيئر ميڊيڪل آفيسر چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري صحت کان به وڌيڪ طاقتور نڪتو، سيڪريٽري صحت ذوالفقار شاھ جي سفارش تي چيف سيڪريٽري پاران بدلي ڪيل ايڊيشنل ڊائريڪٽر 3 مهينن کان چارج ئي نه ڇڏي

ڊي جي صحت جي آفيس جي 19هين گريڊ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نظير رند کي بدلي ڪري قاسم آباد اسپتال ۾ ايم ايس مقرر ڪيو ويو هو

10 مئي تي سندس بدلي ۽ ايم ايس طور قاسم آباد اسپتال ۾ مقرري جو آرڊر به سروسز کاتي پاران جاري ڪيو ويو هو، 3 مهينا گذري وڃڻ باوجود ڊاڪٽر نظير رند چارج نه ورتي، ڊي جي صحت سان ويجهڙائيپ سبب اڃا تائين ڊي جي آفيس ۾ عهدي تي ويٺل آهي

قاسم آباد اسپتال ۾ عقيل قريشي کي ايم ايس واري عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، ڊاڪٽر نظير رند پاران چارج نه وٺڻ سبب عهدي تان هٽايل ايم ايس به ٽن مهينن کان سيٽ تي ويٺل آهي

ڊاڪٽر نظير رند ڊي جي صحت جمن باهوٽو جو ويجهو دوست هجڻ سبب چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري صحت جي حڪمن کي ٿڏي ڇڏيو، قاسم آباد اسپتال جي ايم ايس جي مقرري وارو معاملو 3 مهينن کان لٽڪيل هجڻ باوجود سيڪريٽري صحت به بيوس بڻجي ويو آهي