ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي اسپيڊ اسٽار شعيب اختر جي گوڏي جي آپريشن لاءِ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. شعيب اختر اسپتال جي بيڊ تان هڪ وڊيو پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي شيئر ڪئي ۽ اطلاع ڏنو ته هن جو 8 ڪلاڪ ڊگهو آپريشن ٿيندو جنهن لاءِ هن کي دعائن جي سخت ضرورت آهي. اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته مونکي اميد آهي ته هي منهنجي آخري سرجري هوندي، ان کان اڳ منهنجي گوڏي جا 5 آپريشن ٿي چڪا آهن. هن چيو ته مان هڪ ڳالهه چوڻ چاهيان ٿو ته مان پاڪستان لاءِ بولر طور کيڏيس جنهن تي مونکي فخر آهي پر هي سرجري ڪرائڻي پوندي ۽ مونکي مڪمل صحتياب ٿيڻ ۽ سور ختم ٿيڻ ۾ 2 کان 3 هفتا گهربل هوندا. شعيب اختر خاص طور تي سمورن مداحن کي دعائن جي درخواست ڪئي.