لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ ايشيا ڪپ ۽ نيڌرلينڊ خلاف سيريز ۾ ڊراپ ڪيل حسن علي جي حمايت ۾ اڳيان اچي ويو. نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ سليڪشن ڪميٽي تي تنقيد ڪندي چيو ته حسن علي کي سالن کان سڃاڻان ٿو، ڪيريئر جي ڪيترن ئي مرحلن ۾ اهڙا موقعا ايندا آهن جڏهن رانديگر پرفارم ناهي ڪري سگهندو پر هن کي ڪجهه وقت آرام ڏيڻ جي ضرورت هوندو آهي. هن چيو ته سليڪشن ڪميٽي حسن علي کي غير ضروري ميچز کيڏايون جنهن ۾ هن کي آرام ڏئي سگهجي پيو پر ٽيم مينيجمينٽ فاسٽ بولر کي هر ميچ کيڏائي جنهن لاءِ هو ذهني طور تي تيار نه هو. محمد حفيظ چيو ته حسن علي کي آرام ڪرڻ گهرجي ۽ گهر وارن سان گڏ گذاري، 3، 4 هفتا آرام هن کي ڪم بيڪ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو.