ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڪراچي سان تعلق رکندڙ اڳوڻو ڪپتان معين خان اهو مڃڻ لاءِ تيار نه آهي ته ڪراچي جي رانديگرن کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ ان پٺيان ڪا ايجنڊا آهي. معين خان چيو ته ڪراچي جا رانديگر ذهني طور تي گهڻو مضبوط نه آهن، هنن کي چئلينج ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن اهي پاڪستان ٽيم ۾ نه آهن ته ڇو نه آهن. رانديگرن ۾ اهو جذبو هئڻ گهرجي ته مان ئي اهو رانديگر آهيان جيڪو پاڪستان جي نمائندگي ڪري سگهان ٿو پروفيشن کي وٺي رانديگرن ۾ جذبات ۽ ڪمٽمنٽ جي گهٽتائي آهي. معين خان چيو ته 3 ڪروڙ جي آبادي واري شهر مان جيڪڏهن ڪو رانديگر نه نڪري ته اهو سمجهه کان ٻاهر آهي. ٽيم ۾ نالو نه اچڻ تي رانديگر مايوس ٿيندو آهي پر ان جو مطلب هرگز اهو نه آهي ته اوهان ڪرڪيٽ ڇڏي ڏيو. هن چيو ته مونکي ڪراچي جي رانديگرن ۾ خود اعتمادي جي گهٽتائي نظر ايندي آهي، جذبو سچو آهي ته اهي ئي رانديگر ڪپتاني به ڪري سگهن ٿا.