مورو (ن پ ا) استاد اڳواڻ سيد مختيار علي شاهه جي ڀائيٽي سيد احسان علي ولد ارشاد علي شاهه کي نامعلوم ماڻھو ڪراچي مان مبينا اغوا ڪرڻ بعد مورو ۾ ڇڏي ويا، بيھوشي جي حالت ۾ مورو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن پاران طبي امداد ڏئي ھوش ۾ آندو ويو، جتي نوجوان احسان علي شاهه ٻڌايو ته مان فيڪٽري مان ماني وٺڻ لاءِ نڪتس ته مونکي اغوا ڪيو ويو ۽ حيدرآباد آندو ويو، جتان بعد ۾ مورو ۾ اڇلايو ويو. ھن ٻڌايو ته منھنجو واٽس اپ گروپ آھي جنھن ۾ تلخ ڪلامي ٿي ۽ جاويد شاهه، پير وحيد، عبدالمجيد ۽ عبدالحميد شيخ گار گند ڪيو ۽ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون، ھاڻي مون کي کنڀي کڻي ويندڙن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي.