ڪلوئي (رپورٽ: گلشير نهڙيو) ڪلوئي جي مختيارڪار آفيس ۾ مختيارڪار پاران اڪثر غيرحاضر رهڻ بعد مقامي سماجي اڳواڻ سندس ڪرسي سنڀالي دفتري وهنوار هلائڻ شروع ڪري ڇڏيو. سوشل ميڊيا تي اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ انتظاميا سخت تنقيد جي نشاني تي اچي وئي. خبر موجب هڪ ڏينهن مقامي سماجي اڳواڻ مولوي رمضان لنڊ مختيارڪار ڪلوئي جي آفيس ۾ اچي عملي کي داٻا ڏيڻ بعد سندس ڪرسي سنڀالي ورتي ۽ چوڻ لڳو ته مختيارڪار ڪلوئي سجاد انصاري آفيس ۾ ويهڻ لاءِ تيار ناهي، سندس جاءِ تي آئون مختيارڪار آهيان، ماڻهن جا مسئلا حل نه پيا ٿين. هاڻي سندن مسئلا حل ڪيا ويندا. اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ تي ردعمل ڏيندي مختيارڪار ڪلوئي سجاد انصاري چيو ته سماجي اڳواڻ سڏائيندڙ رمضان لنڊ گذريل ڏينهن پنجن ماڻهن کي ساڻ وٺي منهنجي آفيس عملي کي يرغمال بڻائي سرڪاري دستاويز ۽ رڪارڊ کڻي ويو آهي. آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه به ڪئي وئي، سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن سماجي اڳواڻ سڏائيندڙ مولوي رمضان لنڊ ۽ ڪئميرا مين زاهد لنڊ پاران سرڪاري وهنوار ۾ مداخلت جي ايف آءِ آر مختيارڪار آفيس جي پٽيوالي ملوڪ نهڙيو جي مدعيت ۾ داخل ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف معلوم ٿيو آهي ته ڪلوئي پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.