حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ضلعي جي ٻن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي بدلي ڪيو ويو آهي جڏهن ته قاسم آباد تعلقي جي مختيارڪار کي به هٽايو ويو. رپورٽ مطابق قاسم آباد تعلقي جي اسسٽنٽ ڪمشنر گدا حسين سومرو کي بدلي ڪري سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سندس جاءِ تي ڄامشورو ضلعي جي ڪوٽڙي تعلقي ۾ مقرر اسسٽنٽ ڪمشنر غلام رسول پنهور کي قاسم آباد جو نئون اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي. قاسم آباد تعلقي جي مختيارڪار الطاف حسين ڪوريجو کي به بدلي ڪري بورڊ آف روينيو ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سندس جاءِ تي مقرري جي انتظار ۾ ويٺل محمد شاهه معظم شر کي قاسم آباد تعلقي جو نئون مختيارڪار مقرر ڪيو ويو آهي. ٻهراڙي تعلقي جي اسسٽنٽ ڪمشنر قنديل فاطمه ميمڻ کي هٽائي کيس انٽر پراوينشل ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ ۾ سيڪشن آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪمشنر حيدرآباد جي آفيس ۾ مقرر اسسٽنٽ ڪمشنر (روينيو) سرهاڻ اعجاز ابڙو کي تعلقي ٻهراڙي جو اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيا ويا آهن.