ڪراچي(رپورٽ : شاهد ميراڻي) ڪراچي زوجي راڻي نورجهان هاٿڻ بيماري سبب زندگي جي جنگ هارائي وئي: سندس ساهيڙي هاٿڻ مڌوبالا کي به خطرناڪ وائرس لڳڻ جو خدشو، ان ڏس ۾    ڪراچي جي چڙيا گھر ۾ انتظامي غفلت سبب بيمار ٿيل هاٿڻ نورجهان عيد ڏهاڙي صبح جو 11 وڳي مري وئي، نورجهان کي عيد جي ٻئي ڏهاڙي تي چڙيا گھر ۾ 15 فوٽ اونهي، 14 فوٽ ڊگهي ۽ 12 فوٽ ويڪري کڏ کوٽي  ڪرين ذريعي دفنايو ويو، ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر سيف الرحمان جو چوڻ هو ته نور جهان لاءِ تيار ڪيل کڏ 4 مڻ چن ۽ جراثيم مار دوائون به رکيون ويون آهن، نور جهان کي ڪرين  ذريعي کڏ ۾ لاٿو ويو، واضح رهي ته نور جهان 12 ڏينهن تائين بيهوشي واري حالت ۾ پيل هئي،  چڙيا گھر انتظاميا پاران سندس علاج لاءِ پرڏيهه مان فور پاز جي ٽيم کي گهرايو هو ٽيم جي پهچڻ کان اڳ ئي نور جهان زندگي جي جنگ هارائي وئي،.ٻئي طرف نورجهان جو وائرس هڪ ٻي هاٿڻ مڌو بالا کي لڳڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، وائرس جي خدشي سبب مڌو بالا کي زو مان سفاري پارڪ منتقل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان چڙيا گھر جي ڊائريڪٽر ڪنور ايوب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نور جهان جي موت جو ڪارڻ بڻجندڙ وائرس ٻي هاٿي مڌو بالا کي به لڳڻ جو خدشو آهي، هن چيو ته 5 اپريل تي فورپاز ٽيم پاران نور جهان ۾ هيموٽوما جي تشخيص ڪئي وئي هئي، پر نور جهان جي پوسٽ مارٽم رپورٽ سامهون اچڻ بعد ئي سندس موت جو اصل ڪارڻ سامهون اچي سگھندو، هن چيو ته نورجهان جو موت جيڪڏهن ڪنهن وائرس سبب ٿيو آهي ته اهو عام نه پر خطرناڪ وائرس هوندو. هن چيو ته مڌو بالا جا به مختلف ٽيسٽ ورتا ويندا، جنهن جا سيمپل لاهور جي سرڪاري ليبارٽري اماڻيا ويندا، مڌو بالا جي هيلٿ رپورٽ ڪليئر اچڻ بعد ئي کيس سفاري پارڪ منتقل ڪيو ويندو، هن چيو ته هن وقت مڌو بالا کي سفاري پارڪ منتقل ڪيو ويو ته اتي موجود  سونيا ۽ ملڪه هاٿڻ به متاثر ٿي سگھن ٿيون.