ڪراچي: ڪراچي زو انتظاميا نورجهان جي مرڻ جي ذميوار قرار، شهري پاران زو ڊائريڪٽر ۽ ڪي ايم سي ايڊمنسٽريٽر خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان شهري ايڊوڪيٽ عمران عزيز جو چوڻ آهي ته نورجهان جي مري وڃڻ واري معاملي تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ۽ ڊائريڪٽر زو خلاف گارڊن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ويندو. هن چيو ته نور جهان انتظامي غفلت سبب حياتي جي جنگ هارائي آهي.