جنيوا (م ڊ) اڄ 25 هين اپريل تي پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ مليريا کان بچاءُ جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. صحت جي عالمي اداري ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن مليريا کان بچاءُ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سخت موسمي اثرن سبب پاڪستان ۽ ملاوي ۾ مليريا سبب فوتگين جي ڪيسن تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي. ڊبليو ايڇ او جي سربراهه پيٽر سينڊز جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ گذريل سال ٻوڏ کانپوءِ مليريا انفيڪشن ڪيسن جو انگ چئوڻ تي وڌي 16 لک ٿي ويو آهي. پيٽر سينڊز موجب ملاوي ۾ طوفاني برساتن سبب مليريا جي ڪيس ۾ واڌ ٿي آهي. پيٽر سينڊز جو چوڻ آهي ته مليريا جي خراب بگڙجندڙ صورتحال ختم ڪرڻ لاءِ اڃا ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۽ ملاوي ۾ برسات جو پاڻي تلاءُ جي صورت ۾ بيٺل هجڻ سبب مڇرن جي واڌ ويجهه ٿئي ٿي.