ڪراچي جي مال پڙي ۾ جانور پهچڻ شروع، 20 مڻ جو ڏاند مشهور

0
682

ڪراچي ( انٽرسٽنگ نيوز) سپر هاءِ وي جي مال پڙيءَ ۾ 20 مڻ وزني ڏاند (سطان) شهرين جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي، واپارين سلطان جي 26 لک رپيا گھر ڪئي آهي. منتظمن موجب سپر هاءِ وي جي مال پڙي 10 جون تي کلي هئي، منڊي کلڻ کي 12 ڏينهن گذري چڪا آهن پر هن وقت تائين 15 هزار کان وڌيڪ قربانيءَ جي جانورن کي ملڪ جي مختلف علائقن مان هتي پهچايو ويو آهي، جن ۾ ڇيلا، سهڻا وزني ڏاند وڏي انگ ۾ شامل آهن. سومر تي سپر هاءِ وي جي مال پڙيءَ ۾ ساهيوال کان هن وقت تائين جو سڀ کان وزني ڏاند آندو ويو آهي، 20 مڻ وزني نانڊ جو نالو سلطان ٻڌايو پيو وڃي، سلطان جي خدمت 5 ڄڻا ڪري رهيا آهن. ڏاند جي مالڪ اسد جو چوڻ آهي ته هو ٻيا به جانور آڻيندو پر انهن ۾ گھڻو وزني ۽ سهڻو سلطان ئي آهي. جنهن جي ڪري هو دل ۽ جان سان ان جي خدمت ڪندو آهي. هن چيو ته سلطان کي کارائڻ ۽ پيئارڻ ۾ به گھڻا خرچ ٿيندا آهن، ان جي لاءِ ان جي قيمت 26 لک رپيا مقرر ڪئي آهي. منڊيءَ ۾ نوجوانن ۽ ٻارن سميت وڏي انگ ۾ شهري اچي رهيا آهن، جتي کائڻ پيئڻ جا اسٽال پڻ لڳايا ويا آهن. منديءَ جي انتظاميا جو چوڻ آهي ملڪ جي مختلف علائقن مان قربانيءَ جي جانورن جي آمد جو سلسلو جاري آهي، ٽرڪن ۽ ٽرالرز ۾ قربانيءَ جا جانور آندا پيا وڃن منڊيءَ جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ذڪي ابڙو موجب روزانون وڏي انگ ۾ جانور منڊيءَ ۾ پهچي رهيا آهن، جنهن بعد شهرين جي اچڻ جو سلسلو پڻ وڌي ويو آهي.