سعودي عرب ۾ مئل ماءُ جي سيني سان چنبڙيل ٻار 9 مهينن تائين جيئرو رهيو

0
453

رياض (انٽرسٽنگ نيوز) زندگي ۽ موت الله جي هٿ ۾ آهي. اهو چاهي ته غار ۾ به کير پياڪ ٻار کي مئل ماءُ جي جسم مام به غذا ڏياري سگھي ٿو. سعودي عرب ۾ مئل ماءُ جي سيني سان چنبڙيل ٻار 9 مهينن تائين جيئرو رهيو. سعودي جو مشهور ويڙهاڪ پيدائش جي 9 مهينن کانپوءِ تائين غار ۾ پيل پنهنجي مئل ماءُ جي سيني مان غذا حاصل ڪندو رهيو. افسانو لڳندڙ هي حقيقي داستان العوازم قبيلي ۾ ڪيترائي سال پهرين رقم ٿيو، جنهن جو ذڪر هڪ برطانوي آفيسر هارورڊ ڊڪسن 1949ع م شايع ٿيندڙ پنهنجي ڪتاب “عرب الصحرا” ۾ به ڪيو. هاورڊ ڊڪسن پنهنجي ڪتاب (صحرا جا عرب) ۾ لکيو ته العوازم قبيلي سان تعلق رکندڙ هڪ شخص صوبي حائل جي ويجھو گذري رهيو هو ته ان جي ڳورهاري ماءُ ٻار کي جنم ڏيندي ئي فوت ٿي وئي. ان شخص پنهنجي زال کي هڪ غار ۾ رکيو ۽ ٻار کي به اهو سوچي اتي ڇڏي ڏنو ته اهو ٻار ڪجھه ڏينهن ۾ بک سبب مري ويندو ۽ ان شخص ٻار جو وات ماءُ جي سيني تي رکي ڇڏيو. برطانوي آفيسر موجب 9 مهينن کانپوءِ اتان کان قبيلي جا ڪجهه ماڻهو گذريا ته انهن غار جي دروازي تي رکيل ڪجھه پٿر هٽايل ۽ وکريل ڏٺا ته ڊپ وچان فرار ٿي ويا، ڇو جو ان جاءِ تي ٻار جي پيرن جا نشان به هئا. انهن سڄو قصو ٻارن جي پيءُ کي ٻڌايو جنهن کي ٻڌي هو هڪدم ان غار ۾ پهتو، ۽ اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته تازو ڄاول ٻار پنهنجي ماءُ وٽ ويٺو هو. خدا ٻار جي غذا لاءِ اهڙو معجزو ڏيکاريو. پيءُ خوف باوجود زال جي ميت کي دفن ڪيو ۽ پُيءِ ٻار کي پاڻ سان گڏ گھر وٺي آيو، جنهن جو نالو خلوي رکيو ويو۽ اهو پنهنجي قبيلي جو ناميارو ويڙهاڪ ٿيو.