ٿائلينڊ ۾ بکيو هاٿي ڀِت ڀڃي گھر ۾ گھڙي پيو!

0
339

بنڪاڪ (انٽرسٽنگ نيوز) ٿائلينڊ ۾ بکيو هاٿي ڀِت ڀڇي گھر ۾ گھڙي پيو! جنهن جي وڊيو پڻ وائرل ٿي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ٿائيلينڊ ۾ بکيو هاٿي ڀِت ٽوڙي هڪ گھر جي رڌڻي ۾ داخل ٿيو ۽ چانورن جي ٻوري کڻي هلي ويو. شور سان گھر جي رهواسين جي اک کلي ته اهي بورچي خاني ۾ بي دعوتيو مهمان ڏسي دنگ رهجي ويا. متاثر شهري گھر جو ڪٻاڙو ڪندڙ هاٿي کي ڀڄائڻ جي همٿ نه ڪئي، بي وسي جي حالت ۾ وڊيو ٺاهيندو رهيو. گھر ڀاتين موجب اسان مقامي وائلڊ لائيف آفيسرن سان ڳالهايو، انهن ٻڌايو ته کاڌو رڌڻي ۾ نه رکو، ڇو جو ان جي خوشبو هاٿين کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي آهي. متاثر شهري موجب سندس گھر جي مرمت تي 50 هزار بٽ لاڳت ايندي، هاٿي کي ايئن ڏسي اسان ڊڄي ويا هئاسين، پر هاڻي به ڊپ آهي ته اهو ٻيهر واپس نه اچي وڃي. هڪ اندازي موجب ٿائلينڊ ۾ 2 هزار هاٿي جھنگ ۾ رهن ٿا جيڪي اثر روڊن تي ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهي پون ٿا.