ڪراچي جي سمونڊ جي ھڪ لھر جو ملهه ھڪ ارب روز، ڪراچي جي ھر گودام جي ڪمائي، 50 ڪروڙ روز، ڪراچي جي حب روڊ تان، رڙھي ايندڙ پئسا 120 ارب روپيا روز، ڪراچي جي جھونا بندر، سنڌ فشريز جي ھر لانچ، فشنگ ٽرالرز، ھوڙن ۽ ميري ٽائيم سامونڊي سيڪيورٽي فورسز جي ھر ٽيم جي، روزاني گڏيل ڪمائي 2 ارب روپيا روز، ڪراچي جي وڏن نالن کان وٺي، ننڍن نالن تائين جا روزانا روڪڙا 30 ڪروڙ روپيا روز، سيوھڻ کان سھراب ڳوٺ تائين، انڊس ھاءِ وي ۽ سپر ھاء وي جي روزاني ڪمائي 75 ڪروڙ روپيا روز، ڪينجھر کان ڪراچي ايندڙ مٺي پاڻي جي ڪمائي، 10 ڪروڙ روپيا روز، سڄي پاڪستان کان ڪراچي ايندڙ، بس، ٽرڪ، ٽريلر ۽ ٽينڪر جي روزاني گڏيل ڪمائي 45 ڪروڙ روپيا روز، ڪراچي جي ريتي ۽ بجري جي ڪمائي، 5 ڪروڙ روپيا روز، ڪراچي ڪسٽم ھائوسز جي ڪمائي 5 ارب روپيا روز، ڪراچي جي، صدر، ڪياماڙي، شير شاهه، سھراب ڳوٺ جي مارڪيٽن، شاپنگ مالز، سپر مارڪيٽس، پيٽرول پمپس، دوائن جي دڪانن، محبوب ڪلاٿ مارڪيٽ، آشيانا ڪلاٿ مارڪيٽ ۽ جامع ڪلاٿ مارڪيٽ جي ڪمائي 50 ڪروڙ روپيا روز، اھي ۽ اھڙيون ٻيون غير قانوني ڪمايون گڏائي، پوءِ ڪراچي اندر بليڪ مني جو اندازو لڳايو. ڪراچي جي قانوني ڪمائي 3500 ارب سالياني کي سامھون رکي، پوءِ اندازو لڳايو ته اصل سياسي، اقتصادي ۽ سماجي قوت ڪٿي لڪل آھي. پوءِ پاڻ ڄاڻي سگھنداسين ته ڪراچي ڪراچي جو روزانو راڳ نه پر ويراڳ، ھر روز ھر ڪنھن جي زبان تي ڇو آھي؟ ھي ڪراچي تي روز ٻاھران جو لوڌون ڇو ڪاھينديون اچن؟ سڀ سياستدان، بيوروڪريٽ ۽ طاقتور ڌريون ڪيئين ڪراچي جون قيدي آھن؟ ان سڄي صورتحال مان سنڌين کي ڇا ٿو ملي؟ سُڪي ٺوٺ ٿي ويل ماني جو ڳڀو!!! مان ئي پنھنجي ديس ۾، ائين پيو گُھمان ڦران. جيئين ھُجان، جلاوطن جلا وطن، جلاوطن. ۽ جلاوطنن جا شناختي ڪارڊ نه ٺھندا آھن
(حبيب الله ڀٽو جي پوسٽ)