وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ مهم شروع ڪئي وئي ته جيڪي سنڌي ڪراچي ۾ رهن ٿا اهي ڪراچي جي ايڊريس وارا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائل ٺهرائن. وهاب ڪيريو جي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي جاويد احمد لکيو ته سڀني سنڌين کي ڪراچي جو ڊوميسائل ٺهرائڻ گهرجي. عبدالسلام سنڌي لکيو ته ڇا قوم پنهنجي تذليل جو حساب وٺندي، نذير نائچ لکيو ته شيخ رشيد ڪير ٿيندو آهي جيڪو اسان کي آرڊر ڏيندو،جاويد مغل لکيو ته ڪراچي ۾ ڪارڊ ٺهرائڻ جو عملي ڪم ڪري ڏيکاريو،عامر بلوچ لکيو ته ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌين جي آهي، اسان کي ڪارڊ ٺاهي ڇو نه ڏيندا؟ جميل علي جماڻي لکيو ته مون کي منهنجي وطن ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنو وڃي.واحد اي ڊي مهر لکيو ته سنڌ کي ووٽ جو حق ڏيڻ جو فيصلو به ڇا عمران خان ڪندو؟ محمد هارون راڄپر لکيو ته ڪراچي ۾ ڪارڊ ۽ ڊوميسائل ٺهرائڻ لاءِ قدم وڌايو اسان اوهان سان گڏ آهيون. سراج ميمڻ لکيو ته سنڌ رجسٽريشن اٿارٽي ٺاهي سنڌ ۾ مڪمل فعال ڪرڻ گهرجي.سيد خليل احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني آهي جيڪڏهن ڪير به اوهان کي ڪراچي ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ کان منع ڪري ٿو اسان سان رابطو ڪري قانوني ويڙهه ڪبي.