ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڊگري ڪاليجن جي ڪلاسن جو رمضان مهيني ۾ ڪلاس هلائڻ جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، ڪاليج ايجوڪيشن کاتي شيڊول بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جنهن موجب سومر کان خميس صبح واري شفٽ 8 کان هڪ وڳي تائين هلندي ۽ جمعي تي صبح 8 کان 12 وڳي تائين ڪاليج کليل رهندا، جڏهن ته شام واري شفٽ اڍائي وڳي کان 5:45 تائين ۽ جمعي ڏهاڙي شام واري شفٽ ۾ ڪاليج اڍائي وڳي کان 5 وڳي تائين کليل رهندا.