ڪراچي جو بدلجندڙ منظر نامو

0
398

2017ع جي آدم ڳڻپ جا سمورا وچور پڌرا ٿيڻ ۾ ته اڃا ڪجهه وقت لڳندو، پر هن وقت تائين جيڪي انگ اکر سرڪاري توڙي غير سرڪاري طور سامهون آيا آهن، انهن ۾ هيٺيان پاسا اهميت جوڳا آهن.
سنڌ اندر سنڌي ڳالهائيندڙن جو حصو 61.6 سيڪڙو آهي، جيڪو 1998ع واري آدم ڳڻپ کان ڪجهه سرس آهي. گذريل ٻن ڏهاڪن دوران ڌاري آبادي جي آمد جي باوجود سنڌي ڳالهائيندڙن جو حصو گهٽجڻ بجاءَ ٿورو وڌيو آهي، البته پنهنجي سر زمين تي پنهنجي گهڻائي برقرار رکڻ لاءِ سنڌ واسين کي سياسي جدوجهد جاري رکڻي پوندي ڇو ته اقليت ۾ تبديل ٿيڻ واري تلوار اڃا به ٽنگيل آهي.
ٻي اهم ڳالهه ڪراچي جي آبادي بابت سامهون آيل غير سرڪاري انگ اکر آهن، جن موجب ڪراچي ۾ سنڌي ڳالهائيدڙن جي آبادي ۾ نمايان واڌ ٿي آهي، انهن غير سرڪاري انگن موجب ڪراچي ۾ 1998ع ۾ سنڌي ڳالهائيدڙن جو حصو 7.2 سيڪڙو هو جيڪو 2017ع جي آدم ڳڻپ ۾ وڌي 17.2 سيڪڙو ٿيو آهي، جيتوڻيڪ اهو سيڪڙو به ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين جي اصل انگ کان گهٽ ٿو لڳي پر تنهن هوندي به ڏهه سيڪڙو واڌ نهايت اهم ڳالهه آهي.
ڪراچي ورهاڱي کان اڳ سنڌي آبادي جو اڪثر يتي شهر هو، جتي سنڌي ڳالهائيندڙ 61 سيڪڙو هئا، ورهاڱي کانپوءِ آبادي جو توازن هڪدم بدلجي ويو ۽1951ع ۾ ڪراچي اندر سنڌي ڳالهائيدڙ گهٽجي مس 14 سيڪڙو وڃي بچيا، ان کان پوءِ لڳاتار ڌاري آبادڪاري جي يلغار سبب سنڌين جو سيڪڙو گهٽجندو رهيو. ڪراچي ڏانهن سنڌي ڳالهائيدڙ آبادي جي گهڻي واڌ گذريل ويهارو کن ورهين ۾ ٿي آهي، هڪ ته انهن ورهين دوران سنڌ جي ٻهراڙين ۾ زرعي معيشت کي ڌڪ رسيو آهي، جنهن سبب ٻهراڙي ۾ روزگار جا وسيلا گهٽيا آهن، ٻيو ٻهراڙي ۾ لڳاتار امن امان جي خراب صورتحال ۽ تعليم ۽ صحت جون سهولتون خراب ٿيڻ سبب ماڻهن ڪراچي جي نسبتن بهتر شهري زندگي ڏانهن منهن ڪيو آهي.
هن کان اڳ ڪراچي ۾ گهڻي ڀاڱي سنڌي ڳالهائيدڙ سرڪاري نوڪرين ۾ نظر ايندا هئا، جيڪي جمعي ڏينهن صدر ۽ سهراب ڳوٺ جي بس اڏن تي ٿيلها کڻي ڳوٺن ڏانهن ويندي نظر ايندا هئا. هاڻي ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ وڏي انگ ۾ سنڌي وسنديون نظر اچن ٿيون، انهن ۾ رهندڙن جو چڱو موچارو انگ هاڻي اتي پنهنجا گهر ٺاهي چڪو آهي ۽ سرڪاري کان وڌيڪ خانگي شعبي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. انهن وسندين توڙي شهر جي مختلف علائقن ۾ سنڌي ڳالهائيدڙ هاڻي ننڍا وچولا ڪاروبار ڪرڻ لڳا آهن، گهريلو ملازمن کان وٺي سيڪيورٽي ڪمپني ۽ گارمينٽس ڪارخانن تائين هر شعبي ۾ سنڌي ڳالهائيدڙ ڪم ڪندي نظر اچن ٿا، اهو تمام وڏو ڦيرو آهي جيڪو گهڻي ڀاڱي انفرادي سطح تي ۽ بنا ڪنهن منظم سياسي واهر جي پاڻمرادو ٿيو آهي. ڪراچي جي امن امان بهتر ٿيڻ، ٻهراڙين سان ڳنڍيندڙ روڊ ۽ ٽرانسپورٽ بهتر ٿيڻ ۽ ذاتي واهر سبب وڏي انگ ۾ سنڌي ڳالهائيدڙڪراچي کي پنهنجو شهر بنائي رهيا آهن.
اها نهايت اهم اڳڀرائي آهي جنهن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين اسان جي ڪراچي کان پاسيرو رهڻ سبب اتي موجود روزگار جي زبردست موقعن کان اسان پاڻ کي محروم رکيو ۽ ان خال کي ٻاهران ايندڙن ڀريو. گذريل پنجاهه ورهين دوران پختونخوا توڙي گلگت تائين ملڪ جي هر حصي مان ماڻهو روزگار لاءِ ڪراچي ايندا رهيا، اهو ئي سبب آهي جو ڪراچي سنڌين لاءِ اوپرو شهر رهيو جڏهن ته ٻي هر قوم جا ماڻهو هن شهر جي ملڪيتن، ڪاروبارن ۽ روزگار جي وسيلن تي والار ڪندا رهيا، ڪراچي جو صنعتي ۽ ڪاروباري شعبو لکين ماڻهن کي ڏهاڙي روزگار مهيا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، هن شهر ۾ هنر مند توري اڻ پڙهيل ۽ غير هنرمند هر قسم جي ماڻهو لاءِ روزگار جا انيڪ موقعا هميشه موجود رهيا آهن. هڪ پاسي اسان سنڌي هميشه ڪراچي تي ڌاري آبادڪاري جي والار خلاف دانهيندا رهياسين ۽ ٻئي پاسي ڪراچي ۾ پير نه رکي ٻاهرين ماڻهن کي اتي پير کوڙڻ جو موقعو به فراهم ڪندا رهياسين. هاڻي جڏهن سنڌ واسين پنهنجي تاريخي شهر ڏانهن اچڻ شروع ڪيو آهي ته انهن نسل پرستن کي ڳڻتي اچي ورايو آهي جيڪي ڪراچي کي فخر سان مني پاڪستان قرار ڏئي ٻاهران ايندڙن جي لشڪرن جي آجيان ڪندا رهيا. ان نسل پرست گروهه پنهنجي نسلن کي هڪ هٿرادو مٿڀرائپ واري احساس جو شڪار بنايو. کين هر ٻي رنگ نسل سان ٽڪراءُ ۾ آڻي نفرت جا سبق سيکاري وڏو ڪيو، هاڻي اهو نسل ملڪ جي تاريخي رهواسين سان چٽاڀيٽي ۾ پٺتي رهجي وڃڻ سبب سخت فرسٽريشن جو شڪار آهي. ان نسل کي هٿن ۾ ڪتابن بجاءِ هٿيار ڏيندڙن کين ترقي جي مکيه ڌاري کان ڪٽي ڇڏيو. هاڻي اهي نوجوان چٽاڀيٽي ۾ صلاحيت بجاءَ کوکلن نعرن جو سهارو وٺي رهيا آهن، ٻئي پاسي ٻهراڙين جي محرومين ۽ تلخين سان مهاڌو اٽڪائيندڙ هڪ نسل جاکوڙ سان ڪراچي اندر پنهنجي جاءَ ٺاهي رهيو آهي، اهو نسل تعليم هنر توڙي ڪاروبار ۾ محنت سان ڪراچي ۾ پير کوڙي رهيو آهي ان نسل وٽ اهي سمورا شهري رويا۽ هنر موجود آهن، جيڪي ان چٽاڀٽي لاءِ گهربل آهن، ان نسل شهر اندر زندگيون جي هر ميدان ۾ پاڻ مڃائڻ شروع ڪيو آهي، جئين جئين اهو لاڙو سگهارو ٿيندو ڪراچي ۾ نسک پرستي واري سياست جي جاءَ چٽاڀٽي والاريندي، جنهن ۾ محنت ۽ صلاحيت کي اڳتي وڌڻ کان ڪير به روڪي نه سگهندو.
ان پسمنظر ۾ ڏسجي ته ڪراچي جي حوالي سان سنڌ واسين لاءِ هڪ بهتر آئيندو موجود آهي، سنڌ جي سياسي ڌرين کي ان حوالي سان هڪ بهتر رٿابندي جي ضرورت آهي، جنهن ۾ ڏکيائي وارن اعلانن کان وڌيڪ خاموشي سان ڪم ڪرڻ وڌيڪ لاڀائتو ٿيندو. سنڌ جي سياسي پارٽين کي ڪراچي اندر پنهنجي موجودگي کي وڌيڪ منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سنڌ جي ٻين ضلعن مان تعليم، روزگار ۽ رهائش لاءِ ايندڙ ماڻهن جي رهنمائي ۽ واهر ڪري سگهجي.