جنسي زيادتي جو تعلق لباس سان آهي يا ذهنيت سان؟

0
246
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

جنسي زيادتي اهڙو گندو ڏوهه آهي جيڪو شخصيتون تباهه ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ان جا نه رڳو فردن پر معاشرن ۽ قومن تي گهرا اثر ٿيندا آهن. اهڙن واقعن سان نسلن جا نسل متاثر ٿيندا آهن. سڄي دنيا ۾ حڪومتن جو اهو فرض مڃيو ويو آهي ته اهي ڪمزور طبقن خاص طور تي ٻارڙن ۽ عورتن کي جنسي زيادتي کان بچائين. جان کانپوءِ عزت جي حفاظت هر انسان جو حق آهي.جنسي زيادتي اهڙو ڪبيهه گناهه آهي جنهن جو ڪو به جواز نه ٿو ڏئي سگهجي. اهو سڀ ڪجهه ڏوهاري ذهنيت ڪندي آهي ۽ اها ذهنيت ان ڪري جڙندي آهي ته ڏوهاري کي ڪنهن به سزا جو خوف ناهي هوندو. جنسي زيادتي اهو ڏوهه آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪئي ويندي آهي وري ان جي بچاءُ لاءِ دليل به اوترائي ڏنا ويندا آهن. حالت ته اها آهي ته اڪثر ماڻهو ته ظلم جو شڪار کي ئي ان جو ذميوار به قرار ڏيندا آهن. اها ئي ذهنيت اهڙن واقعن ۾ اضافي جو سبب بڻجندي آهي. ٻيو ته ٺهيو پر اسان جي ملڪ پياري پاڪستان جو وزيراعظم جتي جنسي زيادتي وارن واقعن جي مذمت ڪندو آهي اتي ان جو ذميوار واقعي جي متاثرن خاص طور تي عورتن کي به قرار ڏيندو آهي. سندس اها سوچ ڪا اڄ ڪلهه جي نه آهي پر هو جتي به ويندو آهي، جتي به کيس ڳالهائڻ جو موقعو ملندو آهي ته هو اها ئي ڳالهه چوندو آهي. هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر هن چيو آهي ته مرد روبوٽ ته نه آهن، جيڪڏهن عورتون پنهنجي جسم تي گهٽ ڪپڙا پائينديون ته ان جو اثر به ٿيندو. آمريڪي ٽي وي کي هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ هتي ڊسڪو يا نائيٽ ڪلب ناهن، هي يورپ کان مڪمل طور تي مختلف معاشرو آهي، جڏهن توهان ماڻهن کي ڀڙڪائيندئو ته انهن نوجوانن وٽ ڪنهن هنڌ وڃڻ جي لاءِ جاءِ ناهي ته پوءِ ان جا نتيجا ته نڪرندا. انهي سوال تي ته ڇا عورتن جي لباس جو انتخاب واقعي سندن خلاف جنسي تشدد جو سبب آهي؟ وزيراعظم چيو ته ان جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته اوهان ڪهڙي سماج ۾ رهو پيا. عورتن تي جنسي تشدد بابت ڳالهائيندي عمران خان چيو ته مرد روبوٽ ته ناهي، جيڪڏهن عورت گهٽ ڪپڙا پائي ٿي ته ان جو اثر ته ٿيندو. هي اها سوچ آهي جيئن ڪنهن کان ڦورو ڦر ڪري وڃن ته چيو وڃي ته توهان پئسا کيسي ۾ رکي ڇو ٻاهر ويا، ٻاهر نڪرندئو ۽ توهان جي کيسي ۾ پئسا هوندا ته پوءِ ڦورو ڦر ته ڪندا! يا وري جيڪڏهن ڪو شخص قتل ٿي وڃي ته ان لاءِ چئجي ته جيڪو به شخص گهر کان ٻاهر ويندو ته اهو قتل ته ٿيندو؟ جيڪڏهن اها سوچ اقتدار ۾ ويٺل ماڻهن جي هجي ته پوءِ انهن مان احترام، اعتماد ۽ تحفظ جي ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي؟
دنيا ۾ شايد ئي ڪنهن ملڪ جي حڪومت يا حڪمران هجن جيڪي ڏوهن جي باري ۾ اهڙي سوچ رکندا هجن. ان کان اڳ اڳوڻي صدر ۽ فوجي جنرل پرويز مشرف به مختياران مائي جي باري ۾ اهي لفظ چيا هئا ته اڪثر عورتون پاڪستان کان ٻاهر وڃڻ لاءِ پاڻ سان ريپ ڪرائينديون آهن. پوءِ جي تاريخ شاهد آهي ته پرويز مشرف جي ان سوچ جو فائدو جنسي استحصال جي واقعن ۾ ملوث طبقن کي ٿيو ۽ اهي سزائن کان بچي ويا. پرويز مشرف جيان اڄ به ڪيترائي ماڻهو حڪمرانن جي ان سوچ جي حمايت ڪري رهيا آهن ته جنسي استحصال کان بچڻ لاءِ عورتون پاڻ کي پردي ۾ رکن. جڏهن ته اسلام سميت ڪنهن به مذهب جي ڪتاب ۾ اها ڳالهه چيل نه آهي ته ڪو عورتون ئي پاڻ سان ٿيندڙ ظلم جون ذميوار آهن. اسان وٽ اها ڳالهه پردي جي سختي جي باري ۾ چئي ويندي آهي ته جيڪي ماڻهو پردو ناهن ڪندا انهن سان لڄالٽ جهڙا واقعا ٿيندا آهن، ان ڪري پردو لازمي ڪرڻ گهرجي ۽ عورت کي پردو ڪرڻ جو حڪم قرآن ۾ به ڏنل آهي. پر اهڙا ماڻهو اها ڳالهه وساري ويهندا آهن قرآن پاڪ ۾ جتي عورتن کي پردي ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ته اتي ئي مردن کي به چيو ويو آهي ته اهي پنهنجون نظرون هيٺ ڪري هلن. ڪٿي به لکيل نه آهي ته پنهنجي جسم جي حفاظت ڪرڻ رڳو عورت جو ڪم آهي، اسلامي ڪتابن ۾ مردن کي به پنهنجي جسم، پنهنجي نظرن ۽ پنهنجي نيتن جي حفاظت ڪرڻ جو حڪم به عورتن جيترو ئي ڏنو ويو آهي. اهڙا ماڻهو هڪ طرفي سوچ رکندا آهن ٻين لفظن ۾ مردن کي اهو کليل لائسنس ڏئي ڇڏيندا آهن ته سندن جيڪا مرض آهي اهو ڪندا وتن پر عورت لازمي طور پاڻ کي ڍڪي هلي. جڏهن حڪومتون چون ته پاڻ کي بچائڻ جا ذميوار توهان پاڻ آهيو ته ان جو هڪ مطلب اهو به هوندو آهي ته حڪومت توهان جي حفاظت لاءِ ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهي. ڪمزور طبقي جو ماڻهو روڊ تي اچي ٿو ۽ ڪنهن امير جي تيز رفتار گاڏي کيس ٽڪر هڻي ماري وجهي ٿي ته ان جو ذميوار اهو امير شخص نه پر اهو غريب پاڻ آهي جيڪو روڊ تي اچي ويو. عورتن کي ڪمزور سمجهڻ واري ذهنيت ئي آهي جيڪا اهڙا واقعا ڪندي آهي. اسان جو مطالبو آهي ته حڪومت اهڙن واقعن ۾ پاڻ کي بچائڻ ۽ پنهنجي ذميواري مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران قانون تي مڪمل طور عمل ڪرائي، جوابدارن کي سزائون ڏياري ۽ اهڙو ماحول پيدا ڪري جو ڪنهن کي به ڪنهن به عورت ۽ ٻار يا زيردست کي جنسي هراسان ڪرڻ جي همت ئي نه ٿئي.