هن سال سنڌ ۾ ٻوڏ اچڻ جو امڪان

0
285

قدرتي طرح سنڌو درياهه جا وهڪرا چئن سببن ڪري ٿين ٿا. پهريون آهي برف جو رجڻ، ٻيو آهي گليشيئرن جو رجڻ، مينهن ۽ زير زمين پاڻي جو سيمو. برف جو رجڻ: اِهو مارچ ۽ اپريل جي مهينن ۾ ٿئي ٿو، تنهن کانپوءِ گليشيئرن جو رجڻ ليٽ اپريل مهيني ۾ ٿئي ٿو، جيڪو وڌي ليٽ جون تائين وڃي ٿو، وري ڪڏهن گليشيئر رجن ٿا نه ته مون سون شروع ٿي وڃي ٿي. جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي مهيني ۾ درياهه فل وهن ٿا ۽ ميداني علائقن ۾ ڦهلجي وڃن ٿا جنهن ڪري درياهه جي ويجهي علائقي ۾ ٻنهي پاسي پاڻي جو سيمو ٿئي ٿو. آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين مينهن گهٽ پون ٿا جنهن ڪري برف ۽ گليشيئرن جو رجڻ بند ٿي وڃي ٿو پر سيمي جي ڪري ڀروارين زمينن ۾ سيمو ٿئي ٿو. برساتن ۽ گليشيئرن جي ڪري برف جو رجڻ، سيمي جي ڪري ڀر وارين زمينن جو متاثر ٿيڻ هڪ قدرتي معجزو آهي.
مٿين ڳالهين جي ڪري هيٺيان سوال اُڀرن ٿا:
ڇا هِن سال دريائي ٻوڏ اچڻ جو امڪان آهي؟
ڇا هِن سال برساتي ٻوڏ جي اچڻ جو امڪان آهي؟
ماضي ۾ آيل دريائي ٻوڏون؟
ماضي ۾ آيل برساتي ٻوڏون؟
ڇا سنڌ وارا دريائي ٻوڏن کي منهن ڏئي سگهندا؟
ڇا سنڌ وارا برساتي بوڏن کي منهن ڏئي سگهندا؟
اچو ته انهن سوالن جا جواب ڳولهيون:
ڇا هن سال دريائي ٻوڏ اچڻ جو امڪان آهي؟
انگريزن جي دور ۾ سال 1898ع ۾ هڪ انگريز انجنيئر آمريڪا جي هڪ وڏي درياهه مس سي پي تي 2 سال وڃي رهيو ته ڏسي ته آمريڪا وارا ڪهڙي نموني ٻوڏ کي منهن ڏين ٿا. ٻه سال رهڻ کانپوءِ هُن آمريڪا وانگر مس سي پي رور ڪميشن جيان سنڌ ۾ به انڊس روورڪميشن ٺاهڻ جو چيو ۽ هوريان هوريان ”بندن جي بائبل“ ٺهرايائين جنهن جو نالو ”بند مينوئل“ رکيو ويو. هن ڪتاب ۾ اِهو ٻڌايو ويو آهي ته درياهن ۾ وهڪرا هيٺين سببن جي ڪري پيدا ٿين ٿا:
اونهاري ۾ گرمي ڪري برف ۽ گليشيئرن جو رجڻ.
برساتن ڪري برف ۽ گليشيئرن جو رجڻ.
ميداني علائقي ۾ مينهن پوڻ.
بنگال نار ۾ هوا جو دٻاءُ گهٽ ٿيڻ يعنيdepression ڪري مٿين علائقن جي جبلن ڪري طوفاني مينهن جو پوڻ.
”بند مينوئل“ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻوڏ پيدا ڪندڙ وهڪرا بنگال نار ۾ depression ڪري پيدا ٿين ٿا. مٿين ٽن سببن جي ڪري درياهه جا وهڪرا وڌن ٿا، پر اِهي ٻوڏ جو ڪارڻ نٿا بڻجن. اِهي درياهن ۾ بنيادي وهڪرا Basic Flow پيدا ڪن ٿا، جيڪي آبپاشي جي ضرورت پوري ڪن ٿا. ٻيو سڀ دريائي وهڪرن جو گڏجڻ synchronization آهي، جيڪڏهن درياهن جا چوٽي وارا وهڪرا اڳتي پوئتي ٿين ٿا ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي اِها شدت نٿي رهي. سال 1992ع ۾ اسان اِهو لقاءَ ڏسي چڪا آهيون، سڀني درياهن جو ڪل پاڻي ٿيو اٽڪل 20 لک ڪيوسڪ، جڏهن ته گڊو بيراج جي چوٽي وارو وهڪرو ٿيو 10 لک 86 هزار ڪيوسڪ. معلوم ٿيو ته ميداني علائقن ۾ برساتن ۽ برف ۽ گليشيئرن جي رجڻ ڪري سنڌ ۾ ٻوڏ نٿي اچي، پر بنگال نار ۾ depression جي ڪري جبلن تي مينهن پون ٿا، جنهن ڪري سنڌ ۾ وڏي ٻوڏ اچي ٿي. موسميات کاتي وارا بنگال ۾ depression بابت هينئر اڳڪٿي نٿا ڪري سگهن ته وڏي ٻوڏ ايندي يا نه، هينئر ٻڌائڻ ممڪن ناهي، تنهنڪري وڏي ٻوڏ اچي سگهي ٿي ۽ نه به اچي سگهي ٿي.
ڇا هن سال برساتي ٻوڏ اچن جو امڪان آهي؟
برساتي ٻوڏ تڏهن اچي ٿي جڏهن ڪن ميداني علائقن ۾ شدت وارا مينهن پوندا. ممڪن ناهي پوءِ شدت وارا مينهن پئجي به سگهن ٿا ۽ نه به پئجي سگهن ٿا. تنهنڪري هينئر اڳڪٿي ممڪن ناهي،
ماضي ۾ آيل دريائي ٻوڏون:
سنڌ ۾ خطرناڪ ٻوڏ تڏهن اچي ٿي جڏهن اُن جو گڊو بيراج وٽ وهڪرو 9 لک ڪيوسڪ کان مٿي هجي ٿو. ان کي عام طرح Super Flood چئجي ٿو، ويجهي ماضي ۾ اهي سال 1973ع، 1975ع، 1976، 1978ع، 1988ع، 1992ع ۽ 2010ع ۾ آيون، جنهن ۾ بندن کي ڪيترائي کنڊ پيا ۽ تمام گهڻو نقصان ٿيو.
ماضي ۾ آيل برساتي ٻوڏون:
هي سنڌ ۾ سال 1978ع، 2006ع، 2011ع ۽ 2012ع ۾ آيون. انهن جو وڏي ۾ وڏو نقصان اِهو هو ته پاڻي ٻنين ۾ مهينن جا مهينا بيٺو رهيو. ماڻهن جي خشڪي تي وهڻ جي جاءِ خالي ٿي وئي ۽ ماڻهن روڊن تي پناهه ورتي. بيٺل فصل ته تباهه ٿي ويا پر ايندڙ فصل جي پوکي به ممڪن نه رهي. روڊ رستا تباهه ٿي ويا ۽ ماڻهن جو روزگار ختم ٿي ويو.
ڇا سنڌ وارا دريائي ٻوڏ کي منهن ڏئي سگهندا؟
منهنجي خيال ۾ ته نه، ۽ ان جا مختلف سبب آهن. پراڻا بيلدار، داروغا ريٽائر ٿي ويا آهن، انهن جي جاءِ ڀري پري جا بيلدار ۽ داروغا رکيا ويا آهن، جيڪي مهيني پوري ٿيڻ کانپوءِ رڳو پگهار وٺڻ اچن ٿا، لوڪل بيلدارن ۽ داروغن کي پنهنجي علائقن جي مڪمل ڄاڻ ڪونهي ته ڇيڙ ڪٿان ملندي، آبڪلياڻي مٽيريل ڪٿان ملندو وغيره، بيلدارن ۽ داروغن کي ٽريننگ ڏيڻ جي اشد ضرورت آهي. بندن جي حالت به سٺي ناهي، مٿئين اسٽاف کي ”بند مينوئل“ پڙهائڻ ۽ ياد ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ ٻڌايل آهي ته بند کي بچائڻ لاءِ ڪهڙا اُپاءُ وٺجن. بند جي Soaking Testing ڪيئن ڪجي، روڻ پوڻ جي صورت ۾ پا ڪجي؟ ۽ ويو واش کي ڪيئن منهن ڏجي؟
ڇا سنڌ وارا برساتي ٻوڏ کي منهن ڏئي سگهندا؟
منهنجي خيال ۾ وري به نه، سال 1978ع، 2006ع ۽ 2012ع وارين برساتي ٻوڏن ۾ پرايل سبق هن ريت آهن:
پاڻي نيڪال واري نظام کي ٺاهيو ۽ صحيح رکو.
پاڻي ڪڍڻ واري ذميواري ڪنهن اداري جي ذمي ڪريو.
ڪامورن کي پاڻي ڪڍڻ ۾ رنڊڪون وجهڻ وارن خلاف ايڪشن جو اختيار ڏيڻ
ادارن کي مضبوط ڪريو.
بند ٿيل دڳن کي کوليو ته جيئن پاڻي نڪري وڃي.
مٿئين پسمنظر ۾ ڇا اِهو چوڻ صحيح آهي ته وڏي دريائي يا برساتي ٻوڏ ڀلي اچي؟ اِهو ڪو سنڌ دشمن ئي هوندو جو وڏي ٻوڏ جي تمنا ڪري. وري ٻئي پاسي ڪچن جي رهواسين کي پاڻي کپي ته جيئن هو ٻوڏ کانپوءِ پوکي ڪري سگهن، جنهن لاءِ وڏي ٻوڏ نه ايترو پاڻي کپي ته ڪچو ٻڏي وڃي.90سيڪڙو ڪچو 7 لک ڪيوسڪ دريائي وهڪري تي ٻڏي وڃي ٿو. سڀ ڪجهه مالڪ جي هٿ ۾ آهي اسان رڳو دعا ڪري سگهون ٿا ۽ گهرون ٿا ته وڏي ٻوڏ بدران ايترو پاڻي اچي ته ڪچو ٻڏي وڃي ۽ ڪٿي به کنڊ نه پوي.
ع _آسر مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو. (شاهه)