ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ جوابدار هٿان ڀيڻويو قتل: سالو مرڻينگ، ان ڏس ۾ سچل ٿاڻي جي حد ۾ گلزار ھجري ۾ ڪنٽري ڪمفرٽ اپارٽمينٽ ۾ جوابدار ڇرين جا وار ڪري پنهنجي ڀيڻويي 35 ورهين جي محمد قاسم صديقي کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار پنھنجي 24 ورهين جي سالي محمد ياسر پٽ محمد ناصر تي به حملو ڪيو، جنهن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.  پوليس موجب جوابدار ذاتي رنجش تان پنھنجي سالي ۽ ڀيڻوئي تي ڇري سان حملو ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪري ڇري هٿ ڪئي وئي آهي.