ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تان  پلمبر قتل، سندس ساٿي زخمي، گوليمار جي سينيٽري مارڪيٽ ۾ ڦورن پاڻي جي پمپ ۽ موٽرن جي دڪان ۾  ڦر جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تان ڪيل فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان پلمبر25 ورهين جو دانيال ولد صابر مارجي ويو، جڏهن ته  سندس ساٿي 50 ورهين جو سليم زخمي ٿي پيو، پوليس موجب دڪان ۾ دڪاندار عمران، سندس پٽ نعمان، حسان ۽ 2 پلمبر موجود هئا، ھٿياربندن دڪان ۾ داخل ٿي هٿيار تاڻيا ته نعمان پنهنجي لائسنس واري پستول سان هٿياربندن تي فائرنگ ڪري ڏني، هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ پلمبر مارجي ويو، سندس هڪ زخمي ٿي پيو. پوليس موجب جوابدار پنهنجي موٽرسائيڪل ڇڏي ويا آهن