ننگرپارڪر (ن پ ا) سنڌ جي سونهن ڪارونجهر سان هٿ چراند بند نه ٿي، ڪارونجهر جو  قيمتي گرينائيٽ پٿر گڍڙو ۾ ٺهندڙ ڊيم ۾ پيچنگ لاءِ ٺيڪيدار استعمال ڪرڻ لڳو آهي. جڏهن ته چار ڏينهن اڳ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر لال ڏنو منگي طرفان ڪارونجهر جي قيمتي پٿرن جي ڪٽائي خلاف نوٽيس وٺندي ذميوارن خلاف ڪاروائي جو لکيو هو. جڏهن ته ڊي سي ٿرپارڪر جي نوٽيس باوجود سمال ڊيم ٺاهيندڙ ٺيڪيدار ڄامشورو جو پٿر اسٽيميٽ مطابق استعمال ڪرڻ بدران ڪارونجهر جا قيمتي پٿر استعمال ڪري رهيا آهن. ان ڏس ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته ڄاڻايل ٺيڪيدار بااثر آهي هن کان اڳ عالمي بينڪ جي سهڪار سان ٺهندڙ ٻن ڊيمن لياري ۽ بڙ ڀوڏيسر ڊيمن ۾ ڪارونجهر جو قيمتي پٿر پچنگ طور استعمال ڪري چڪو آهي ۽ ميڊيا ۾ خبرون لڳڻ باوجود ڄاڻايل ٺيڪيدار خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿيڻ سبب ساڳيو ٺيڪيدار ٻيهر گڊڙو ۾ ٺهندڙ ڊيم ۾ ڪارونجهر جو قيمتي پٿر استعمال ڪرڻ لڳو آهي. ان ڏس ۾ ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻ الهرکيو کوسو، دليپ سنڌي، مصطفيٰ دل ۽ ٻين چيو ته ڪارونجهر سنڌ جي سونهن آهي جنهن جا قيمتي پٿر ڪڍي ڊيمن ۾ لڳايا پيا وڃن مائنز منرل کاتو توڙي پوليس به خاموش ۽ تماشائي بڻيل آهي ۽ ٺيڪيدار هن کان اڳ ٻن ڊيمن ۾ ڪارونجهر جا قيمتي پٿر استعمال ڪري چڪو آهي جيڪڏهن نوٽيس وٺي ڪارونجهر جي ڪٽائي بند نه ڪرائي وئي ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.