ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٽيپو سلطان روڊ تي واقع مدينہ مارڪيٽ جا 33 دڪان ڊاهڻ جو خدشو، دڪاندارن سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سميت لاڳاپيل اختيارين خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ دڪاندارن موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪاٺياواڙ ڪوآپريٽو سوسائٽي پاران 40 سال اڳ قانون موجب دڪان ٺاه دڪاندارن کي الاٽ ڪيا ويا، پھرين مارچ 2023 تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي دڪانن کي ڊاهڻ جا ليٽر موڪليا آھن، خط ۾ دڪانن کي غيرقانوني قرار ڏيندي 3 ڏينهن اندر ڊاهڻ جو چيو ويو آهي، 2 مارچ 2023 تي لاڳاپيل اختيارين کي غير قانوني عمل روڪڻ لاءِ درخواستون جمع ڪرايون آھن، لاڳاپيل اختياريون ڪو به تعاون نه ڪري رهيون آهن، هاڻي عدالت ئي آخري رستو آهي، انصاف ڪيو وڃي، درخواستگذارن عدالت کي جي استدعا ڪئي آهي ته لاڳاپيل اختيارين کي دڪان ڊاهڻ کان روڪيو وڃي ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا خط معطل ڪيا وڃن. درخواست ۾ سنڌ حڪومت، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، سنڌ ڪوآپريٽو سوسائٽيز ۽ سوسائٽي انتظاميه کي ڌر بڻايو ويو آھي.