گپچاڻي (ن پ ا) گپچاڻي ڀرسان 6 مھينا اڳ سم نالي کي لڳل گھارا بند نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي دودو خان ڀنگوار، عبدالڪريم بروهي، امين ڀنگوار ۽ ٻين چيو ته گذريل سال مھا ٻوڏ دوران سم نالي کي 3 گهرا لڳا جيڪي اڃا تائين بند ناهن ڪيا ويا، هنن چيو ته گهارن سبب يوسي اسماعيل خان بروھي جا يڪترائي ڳوٺ  پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا ھئا، هنن چيو ته گهارا بند نه ٿيڻ سبب علائقي واسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته گهارا بند ڪري سمئلو حل ڪيو وڃي.