شڪارپور (رپورٽر) ايس ايس پي شڪارپور رٽائرڊ ججن، مذهبي اڳواڻن، سياستدانن ۽ با اثر شخصيتن کي مليل 128 پوليس اهلڪارن کي پوليس لائين ۾ رپورٽ ڪرائي آءِ جي سنڌ کي رپورٽ اماڻي ڇڏي آهي،نجڪاري جي وفاقي وزير عابد حسين ڀيو، صوبائي وزير امتياز شيخ جي وڏو ڀاءُ پ پ اڳواڻ مقبول شيخ، اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي، اڳوڻي صوبائي وزير عابد جتوئي، پ پ شڪارپور جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار ڪماريو، پ پ اڳواڻ اياز مهر، ايس ايس پي تنوير تنيو، ايس ايس پي بشير بروھي، ايس ايس پي شبير سيٺار، ڊي سي شڪارپور، مذھبي اڳواڻن مولانا عبد الله مهر، مولوي عبدالله پهوڙ، مولوي سڪندر دل،  شفقت جتوئي، محمد شاه ڪاظمي، قاري مجيب الرحمان، يار محمد گھمرو، آغا جان اختر پٺاڻ، اڳوڻي ڊي آءِ جي الله رکيو ميراڻي، پير محمد شيخ، فدا حسين مستوئي سميت 128 ڄڻن کان اھلڪار واپس ورتا ويا آھن، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي شڪارپور ٻڌايو ته آءِ جي سنڌ جي هدايتن تي سڄي سنڌ مان وي آءِ پيز کي مليل سرڪاري سيڪيورٽي واپس ورتي پئي وڃي ۽ واپس ڪيل پوليس اهلڪارن کي شهر جي مختلف ٿاڻن يا چوڪين تي رکيو ويندو جتي نفري جي ضرورت پوندي.