ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪسٽم عملي جي ڪارروائي، پرڏيهه مان اسمگل ڪيل 58 آءِ فون 12 هٿ آيا ، ڪسٽم عملي موجب عرب امارات مان آيل اڏام اِي ڪي 606 مان لٿل مسافرن جي اسڪيننگ ڪئي پي وئي ته هڪ مسافر ڪسٽم عملي هٿان گرفتاري جي خوف کان موبائلن واري شاپنگ بيگ واش روم ۾ رکي غائب ٿي ويو، هٿ آيل شاپر کي اسڪيننگ مشين ذريعي چڪاسيو ويو ته ان ۾ 58 موبائل فون موجود هئا، 58 آءِ فون 12 جي ماليت هڪ ڪروڙ 9 لک رپيا آهي، موبائل فون اسمگل ڪرڻ جو ڪيس نامعلوم جوابدار خلاف داخل ڪيو ويو آهي.