اتر سنڌ جي اغوا “انڊسٽري” ۽ پوليس جون ڪارروائيون

0
212

ضلعو ڪشمور ۽ ضلعو شڪارپور هن وقت بد امني جي باهه ۾ ڀڙڪي رهيا آھن. خانپور- ڪنڌڪوٽ روڊ، خانپور- ٺل روڊ، لکي- لاڙڪاڻو روڊ ھاڻي غير محفوظ ٿي ويا آھن. ٽرانسپورٽر کان علاوه موٽر سائيڪلن توڙي ڪارن تي ويندڙن کان ڦر لٽ کان علاوه هٿيار بند اهڙن ماڻهن کي اغوا ڪرڻ جون ڪارروايون پڻ ڪري رهيا آھن، ۽ مغوين کي مارڪٽ ڪري هنن جي وارثن کان لکين روپيا وصول ڪري هنن کي آزاد ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته هٿياربندن کي ڪو امير شخص هٿ اچي وڃي ٿو ته هن جي وارثن کان ڪروڙين روپيا وصول ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته هاڻي ته ڪيترائي نوجوان پڪا پوڙها عورتاڻي آواز تي هرکجي پاڻ ئي هٿياربندن جي وڇايل ڄار ۾ ڦاسي پون ٿا ۽ اهي عورتن جي ٻڌايل ٿاڪ تي پهچي وڃن ٿا ۽ هٿياربندن جا ماڻهو هنن کي آساني سان ڌاڙيلن جي ڪئمپن تي پهچائن ٿا.
دنيا شاهد آهي ته ٻين ملڪن جي ڪچي جا علائقا ۽ درياهي ٻيٽ توڙي درياهه جو پيٽ عوام جي تفريح لاءِ کليل هوندا آھن پر اسان جي پياري سنڌ جا ڪچا دهشت جي علامت بڻيل آھن ۽ اهي پوليس جي رٽ لاءِ ڪيترن ئي سالن کان چئلينچ بڻيل آھن. ڪيترن ئي ڌاڙيلن جون ويڊيو وائرل ٿيون آھن، جن ۾ اهي پوليس جي عملدان کي ڌمڪيون ڏيندي نظر اچن ٿا ۽ هنن کي چون ٿا ته توهان اسان وٽ پهچي به نه ٿا سگهو، انهي جي باوجود پوليس جا عملدار خاموش آھن، تازو ڪجهه ماڻهن جي بازيابي ٿي آھي جنهن لاءِ ماضي جيان هن ڀيري به پوليس دعويٰ ڪئي آھي ته اسان انهن ماڻهن کي مقابلي ۾ آزاد ڪرايو آھي. پوليس وٽ اهو روايتي جملو اچي ڦاٿو آھي ته مغوي کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل پئي ڪيو ويو ته اسان کي خبر پئي ۽ اسان اوڏانهن وياسين ته مقابلو ٿي پيو ۽ هٿياربند مغوي کي ڇڏي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا. يا وري پوليس روايتي طور چوندي آهي ته اسان هٿياربندن جا ماڻهو گرفتار ڪيا، هنن جون عورتون ٿاڻن تي آنديون هنن جو مال ڪاهي آياسين ۽ بعد ۾ پوليس پريشر بعد هٿياربندن مغوين کي آزاد ڪيو. پر تازو موهن جي بازيابي پوليس جا پول کولي ڇڏيا آهن، پوليس ڄاڻايو آهي ته مقابلي بعد بازياب ڪرايو، پر موهن چيو ڌاڙيلن پاڻ ڇڏيو ۽ هڪ ڌاڙيل جي ويڊيو به وائرل ٿي ته ڌاڙيلن موهن تي ۽ هن جي ٻارن تي رحم ڪري انهي کي آزاد ڪري ڇڏيو. انهي ڌاڙيل اهو به چيو ته پوليس جو اسان تائين پهچڻ ناممڪن آھي، اهي پهچي به نه ٿا سگهن. تازو ٺل جو رهواسي ۽ حيسڪو جي اڳوڻي اڪائونٽنٽ عبدالمجيد سرڪي کي لکي غلام شاهه مان اغوا ڪيو ويو هو ۽ هن جي بازيابي ويهه ڏينهن کان پوءِ عمل ۾ آئي آهي اها به ڪروڙين روپيا ڀنگ ۽ بااثر ڀوتارن جي ٿورن سان عمل ۾ آئي آھي.
چيو پيو وڃي ته عبدالمجيد سرڪي جو اغوا ٽارگيٽڊ اغوا هو ۽ هن کي وڏي منصوبابندي سان اغوا ڪيو ويو. هاڻي به شڪار پور ۽ ڪشمور ضلعي جي ڪچي ۾ ٺل تعلقي جي ٻن مغوين اسلم کوسو ۽ حفيظ بجاراڻي سميت 10 کان وڌيڪ شهري هٿياربندن جي قبضي ۾ آهن ۽ اغوا ٿيلن جي گهڻائي اهڙن ماڻهن جي آھي، جيڪي عورتن جي پيار ڀرين ڳالهين ۾ اچي ڌاڙيلن وٽ پهچن ٿا ۽ پنهنجي وارثن کي پريشان ڪن ٿا ۽ مغوين جا وارث قرآن پاڪ کڻي علائقي جي بااثر ماڻهن ڏانهن وڃي وڃي ٿڪجي ٿا پون ۽ چندو ڪري ڌاڙيلن جون فرمائشون پوريون ڪن ٿا ۽ اهڙي ريت سندن پيارا بازياب ٿي گهر پهچن ٿا. جڏهن ڪوبه همراهه اغوا ٿئي ٿو ته پوليس ڪچي جي بندن تي پهچي فارملٽي پوري ڪري واپس اچي ٿي، ڪچي ۾ رهندڙ ڌاڙيلن جا واسطا پوليس وارن کان علاوه علائقي جي ڀوتارن سان به هجن ٿا، جيڪي وقت بوقت هنن جي ڪم ايندا رهندا آھن. رياست جيڪڏهن پنهنجي تي اچي ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن پنجاب جي ڪچي ۾ ڌاڙيل پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن کي اغوا ڪن ٿا، رياست جي پوري مشينري حرڪت ۾ اچي وئي، فوج کان خدمتون حاصل ڪيون ويون ۽ ڪجهه ڪلاڪن ۾ پوليس وارن کي بازياب ڪرائڻ کان علاوه ڪيترن ئي ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو، پر شڪار پور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ ڪيترائي پوليس عملدار اهلڪار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا نوجوان شهيد ڪيا ويا، پر پوءِ به ڪچي ۾ ڪو فيصلائتو آپريشن ڪرڻ کان سنڌ حڪومت ۽ پوليس لنوائي رهي آھي ۽ هتان جي عوام کي ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي.  هاڻي به عوام جون اکيون سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس ۾ آهن ته اهي ڪڏهن ٿا شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي، پنو عاقل، لاڙڪاڻي جي ڪچي ۾ اثرائتو آپريشن ڪن، جيئن علائقي جو امن بحال ٿي سگهي ۽ اغوا جون واردتون ختم ٿي سگهن.