ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اينٽي ڪرپشن کاتي پاران ڪمپلينٽ (شڪايتي) سيل کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪالهه اينٽي ڪرپشن کاتي جي اجلاس ۾ آفيسرن انڪوائرين بابت بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ڪي ايم سي ۽ ڪي ڊي اي خلاف 34 درخواستون مليون آهن، جيڪي ڊپٽي ڊائريڪٽر اوڀر کي جاچ لاءِ اماڻيون ويون آهن. اينٽي ڪرپشن چيئرمين اقبال ميمڻ چيو ته انڪوائريون ميرٽ جي بنيادن تي ڪيون وڃن، ڪنهن آفيسر خلاف شڪايت ملي ته ان خلاف ڊپارٽمينٽل ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ڪمپلينٽ سيل کي فعال بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو