نئون ديرو (رپورٽ: نورمحمد سومرو) نئون ديرو لڳ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي چانڊيا پاڙي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻڍاڻي چانڊيا برادريءَ جو چڱو مڙس ۽ پيپلز يوٿ ضلعي لاڙڪاڻي جي اڳواڻ جاويد چانڊيو جو وڏو ڀاءُ ساجد چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارث نئون ديرو اسپتال کڻائي آيا، جتي ڊيوٽيءَ تي موجود ڊاڪٽر ساجد چانڊيو جي موت جي تصديق ڪئي، جنهن بعد وارث ٻيهر مقتول جو لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي پهتا، جتي پڻ ڊاڪٽرن ساجد چانڊيو جي فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي، جنهن بعد وارث لاش واپس نئون ديرو اسپتال کڻائي آيا، جتي وڏي تعداد ۾ چانڊيا برادريءَ جا ماڻهو توڙي پ پ عهديدار پهچي ويا، نوجوان جو مڙهه پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ان ڏس ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول ساجد چانڊيو پنهنجي اوطاق ۾ پنهنجي ماساتن ۽ جوابدار ڌر وچ ۾ سڱاوتي مامري تان هلندڙ ڇڪتاڻ بابت فيصلو ڪري رهيو هو ته جوابدار ڌر مڇرجي چڱي مڙس ساجد چانڊيو مٿان سڌي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، جنهن دوران موجود ماڻهن جوابدار علي رضا چانڊيو کي موقعي تي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ٻيا جوابدار فرار ٿي ويا. ٻي طرف مقتول جي ننڍي ڀاءُ جاويد چانڊيو ٻڌايو ته منھنجو ڀاءُ نثار ۽ علي رضا چانڊيو وچ ۾ فيصلو ڪرائي رھيو ھو ته جوابدار علي رضا ساٿين سان گڏ پسٽل جا فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن ته جوابدار پوليس کي ٻڌايو آھي ته ساجد چانڊيو ڳالھين دوران نثار چانڊيو واري ڌر جي طرف داري ڪري رھيو ھو، جنهن تي مون کي خوف ھو ته ڪٿي ھو مون کي قتل نه ڪري ڇڏين، جنهن تي مون کيس قتل ڪري ڇڏيو، هوڏانهن ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٻڌايو ته سڱاوتي معاملي تان همراهه قتل ٿيو آھي، جوابدار علي رضا کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جڏهن ته قتل جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.