ڪراچي(رپورٽ: اياز بروهي ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس ۾ سياسي مداخلت خاص طور تي سنڌ پوليس ترميمي ايڪٽ 2019ع خلاف درخواست تي ڌرين کي سپريم ڪورٽ جي هدايتن جي روشني ۾ تياري ڪري اچڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي ڪالهه ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته پوليس ۾ سڌارا صوبائي معاملو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل ٿيڻ گهرجي، عدالت پوليس کي بااختيار بڻائڻ لاءِ مڪمل گائيڊ لائين ڏئي چڪي آهي، عدالت درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. درخواست ۾ پوليس ترميمي ايڪٽ 2019ع کي به چيلنج ڪيو ويو آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ويو آهي ته پوليس سڌارن بابت ايڪٽ 2019ع جا قلم 13 ۽ 15 به قانون جي خلاف آهن، پوليس آفيسرن جي پوسٽنگ ۽ بدلين جو اختيار آءَ جي کان وزيراعلي ٰ کي منتقل ڪرڻ غيرقانوني آهي.